ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 9 مهينن ۾ اي ٽي ايم مان 6 هزار ارب رپيا ڪڍرايا ويا.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب هلندڙ مالي سال جي ٽئين ٽه ماهي ۾ 17 ڪروڙ اي ٽي ايم ٽرانزيڪشنز ڪيون ويون جڏهن ته مجموعي طور تي 9 مهينن ۾ ٿيل انهن ٽرانزيڪشنز جو انگ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي.
مرڪزي بينڪ موجب ان عرصي دوران شهرين اي ٽي ايم مان مجموعي طور تي 6 هزار 320 ارب رپيا ڪڍرايا.
اهڙي ريت هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن ۾ 20 ارب رپين جا 43 لک يوٽيليٽي بلز ادا ڪيا ويا.