9 محرم الحرام: ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ جلوس، سيڪيورٽي سخت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ 9 محرم الحرام تي اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مرڪزي جلوس ڪڍيا ويا.

ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ شهرن ۾ حساس هنڌن ۽ جلوسن جي گذر گاهن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته جلوسن ۾ اڪائونٽس پڻ ذميواريون انجام ڏنيون.

اسلام آباد ۾ 9 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس امام بارگاهه اثنا عشري جي-6 کان منجهند ٻي وڳي نڪتو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نو محرم الحرام جا ماتمي جلوس ۽ مجلسون برپا

ڪراچي ۾ شبيه ذوالجناح، علم ۽ تعزين جا جلوس نڪتا، جيڪي نمائش چورنگي کان پيپلز چورنگي ۽ صدر رستي ايم اي جناح روڊ، ريڊيو پاڪستان ۽ کارادر کان ٿيندا امام بارگاهه حسينيا ايرانيا ۾ پڄاڻي تي پهتا.

جلوسن جي حفاظت لاءِ هزارين رينجرز ۽ پوليس اهلڪار مقرر رهيا، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ گذر گاهن ۽ ٻين هنڌن تي پنهنجون ذميواريون انجام ڏنيون.

ڪراچي شهر ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو آهي، جڏهن ته موبائل فون سروس به عارضي طور معطل رهي.

راولپنڊي ۾ امام بارگاهه يادگار حسين ڪمرشل مارڪيٽ کان علم جو جلوس نڪتو، جيڪو مقرر رستن کان ٿيندو واپس امام بارگاهه تي پڄاڻي تي پهتو.

لاهور ۾ به 9 محرم الحرام جا جلوس نڪتا، جن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ 15 هزار کان وڌيڪ آفيسرن ۽ اهلڪارن پنهنجا فرض انجام ڏنا.

شهر جو مرڪزي جلوس پانڊو اسٽريٽ اسلام پورا کان نڪتو، جيڪو روايتي رستن کان ٿيندو خيما سادات امام بارگاهه تي پڄاڻيءَ تي پهتو.

پشاور ۾ شبيه ذوالجناح جو جلوس امام بارگاهه حسينيا هال کان نڪتو، جيڪو صدر روڊ، فخر عالم روڊ، ڪالي باڙي ۽ ڦوهارا چوڪ کان ٿيندو ساڳي امام بارگاهه ۾ پڄاڻيءَ تي پهتو.

ملتان ۾ 9 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس امام بارگاهه ممتاز آباد کان برآمد ٿيو ۽ مقرر رستن کان ٿيندو پنهنجي طئي ٿيل هنڌ تي پڄاڻي تي پهتو.

ملڪ جي ٻين شهرن جيان ڪوئيٽا ۾ به مرڪزي جلوس نڪتا، جڏهن ته بلوچستان جي تخت گاهه ۾ پڻ صبح 6 وڳي کان موبائل سروس بند رهي، ان سان گڏوگڏ اتي به موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي آهي.

هوڏانهن حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر، شڪارپور، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ 9 محرم الحرام جا مرڪزي جلوس نڪتا، جيڪي مختلف رستن کان ٿيندا پڄاڻي تي پهتا.

You might also like