سنڌ حڪومت رڪشو هلائيندڙ ڪراچي واسڻ عليشه جي مدد لاءِ ميدان ۾ اچي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهانگائي ۽ بيروزگاري کان پريشان ٿي رڪشو هلائيندڙ ڪراچي واسڻ بهادر نياڻي جي مدد لاءِ سنڌ حڪومت ميدان ۾ اچي وئي.

ڪراچي جي علائقي ڊرگ روڊ واسڻ عليشه جون خبرون ڪجهه ڏينهن اڳ سامهون آيون هيون ته هوءَ مهانگائي ۽ بيروزگاري کان پريشان ٿي پنهنجي پيءَ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ رڪشو هلائڻ تي مجبور آهي.

سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار نواب علي وساڻ ناري عليشه سان رابطو ڪيو ۽ کيس هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.

هن چيو ته بينظير هائونسگ اسڪيم ۾ گهر ڏينداسين ته جيئن ٻارڙي جو مستقبل روشن ٿي سگهي.

ان حوالي سان عليشه جو چوڻ هو ته مان پنهنجو آواز ايوانن تائين پهچائڻ تي ميڊيا جي ۽ سهڪار ڪرڻ تي سنڌ حڪومت جي ٿورائتي آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.