شادي کان اڳ ئي آئما بيگ ۽ شهباز شگري ۾ ويڇا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل سال مڱڻو ڪندڙ ڳائڻي آئيما بيگ ۽ سندس مڱيندي شهباز شگري وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن ۽ ٻنهي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان هڪ ٻيئ جون تصويرون به ڊيليٽ ڪري ڇڏيون آهن.

سوشل ميڊيا تي ٻنهي جي حوالي سان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ٻنهي اختلاف پيدا ٿيڻ کانپوءِ هڪ ٻئي کان رستا ڌار ڪري ورتا آهن پر ان حوالي سان ڪنهن بيان ناهي ڏنو.

هنن انسٽاگرام تان تصويرون به هٽائي ڇڏيون آهن، ڪجهه سوشل ميڊيا پيجز جي دعويٰ آهي ته ٻنهي هڪ ٻئي کي ان فالو به ڪري ڇڏيو آهي.

جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا تي سندن اختلافن جون خبرون هلي رهيون آهن پر هيل تائين ڪنهن وضاحت ناهي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.