مهوش حيات کي شاديءَ لاءِ ” گورو“ گهرجي

اداڪار همايو سعيد چيو آهي ته اداڪارا مهوش حيات شاديءَ لاءِ گوري معنيٰ انگريز  يا پرڏيهي شخص جي چونڊ ڪندي.

اڄڪلهه همايون سعيد ۽ اداڪارا مهوش حيات ايندڙ مهيني ريليز ٿيندڙ فلم ” لنڊن نهين جائونگي“ جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهن.

ان سلسلي ۾ فلم جي ڪاسٽ ڊيجيٽل پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هنن فلم جي عڪسبندي بابت گفتگو ڪئي ۽ پيش ايندڙ چيلنجز بابت ڳالهايو.

پروگرام دوران ميزبان جي سوال تي همايون سعيد ڀوڳ ڪندي چيو ته ” مهوش حيات کي شادي لاءِ گورو مطلب انگريز يا پرڏيهي شخص گهرجي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by FUCHSIA Magazine (@fuchsia_magazine)

همايون سعيد جي ڳالهه جو جواب ڏيندي مهوش حيات چيو ته ائين ناهي، هي ڪوڙ پيو ڳالهائي، جنهن تي اداڪار چيو ته مهوش حيات هر وقت سيٽ تي چوندي رهندي هئي ته کيس ” گورو“ گهرجي.

جنهن مهوش حيات مسڪرائيندي چيوته گورو هجي يا ڪارو ، بس دل وارو هئڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.