ملڪ ۾ فون ڪالز جي به لوڊشيڊنگ جو خدشو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽيلي ڪام اختيارين چيو آهي ته مستقبل ۾ بجلي جيان فون ڪالز جي به لوڊشيڊنگ ٿيندي، فائبر آپٽڪس نه وڇائي وئي ته ماڻهو اي ٽي ايم به استعمال نه ڪري سگهندا.

سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٽيلي ڪام انڊسٽري سان لاڳاپيل ماڻهن بريفنگ ڏني.

ٽيلي ڪام اختيارين ٻڌايو ته فائبر آپٽڪس جي درآمد تي ايڊوانس ٽيڪس کي 15 سيڪڙو ڪيو ويو آهي پر اسان جو مطالبو آهي ته ايڊوانس ٽيڪس کي 8 سيڪڙو ڪيو وڃي، ٽيلي ڪام انڊسٽري جي سامان کي شاهاڻو قرار ڏنو ويو آهي ۽ امپورٽ ڊيوٽي کي 20 سيڪڙو تائين وڌايو ويو آهي.

ٽيلي ڪام انڊسٽري جي نمائندن چيو ته ٻاهران فائبر آپٽڪس گهرائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، پاڪستان ۾ رڳو 10 سيڪڙو ٽاورن تي فائبر جو استعمال ڪيو ويو آهي، وڌيڪ سختين سان اسان دنيا کان پوئتي رهجي وينداسين ۽ مستقبل ۾ بجلي جيان فون ڪالز جي به لوڊشيڊنگ ٿيندي، ايتري تائين جو ماڻهو اي ٽي ايم به استعمال نه ڪري سگهندا.

سينيٽ ڪميٽي فائبر آپٽڪس جي امپورٽ تي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.