سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 300 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 45 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 258 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 25 هزار رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 6 ڊالر گهٽجڻ سان 1840 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.