چوماسي جي برساتن تباهي مچائي ڇڏي، کنوڻ ڪرڻ سبب 21 ڄڻا فوت

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۾ چوماسي جي برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾آسماني کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب چوماسي جي برساتن بعد آيل ٻوڏ سبب 40 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

بنگلاديشي پوليس جو چوڻ آهي ته مختلف علائقن ۾ آسماني کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻين واقعن ۾به 4 ڄڻا حياتيون وڄائي ويٺا آهن.

مقامي ميڊيا موجب برساتن کانپوءِ دريائن پاڻي جي سطح تيزي سان بلند ٿي رهي آهي ۽ جڏهن ته ڀارتي سرحد سان لڳندڙ علائقن ۾ سخت ٻوڏ اچڻ جو خطرو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.