فيٽف معاملو، آرمي چيف جي قائم ڪيل ”ڪورسيل“ ڪاميابي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو، وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف قوم کي فيٽف جي وائٽ لسٽ ۾ پاڪستان جي واپسي جي راهه هموار ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.

هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دوري کانپوءِ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍيو ويندو، ” ٽيم پاڪستان “ کي واڌايون هجن جنهن پاڪستان لاءِ ڪامياب ڪاوش ڪئي.

وزيراعظم چيو ته گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍائڻ لاءِ ڪوشش ڪندڙ سول ۽ ملٽري ٽيم کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو کي مبارڪون جنهن جي اڳواڻي ۾ ٽيم کي اهم ڪاميابيون مليون جڏهن ته عسڪري قيادت کي فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ واري عمل تي مبارڪون ڏيان ٿو.

شهباز شريف چيو ته آرمي چيف جي قائم ڪيل ڪور سيل پاڪستان جي اهم ڪاميابي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو، گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي ۽ ان سان پاڪستان کي وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون.

هن وڌيڪ چيو ته گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ واري ڪوشش لاءِ اهڙي ئي ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان معيشت جي بحالي لاءِ پڻ ڪم جاري آهي، قوم کي مايوسي ۽ معاشي بدحالي مان ڪڍي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن واپس آڻينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.