حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ پي ايس ٽي، جي ايس ٽي سيٽون لڪائڻ جو صوبائي وزير نوٽيس ورتو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ پي ايس ٽي ۽ جي  ايس ٽي جون سيٽون لڪائڻ وري انڪشاف بابت رپورٽ ٿيندڙ خبرن جو تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري نوٽيس وٺي ڇڏيو، سنڌ جي ٻين ضلعن مان به غلط رپورٽ ملڻ تي تعليم کاتي جو سيڪريٽري  ڊائريڪٽرز ۽ ڊي اي اوز تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ استادن جي ڀرتين واري معاملي تي سيڪريٽري سڌي ريت آفيس سپريٽينڊنٽ سان لهه وچڙ ۾ اچي ويو آهي، ڀرتين وارو معاملو جلد اڪلائڻ لاءِ ڊائريڪٽرز ۽ ڊي اي اوز کي هدايتون ڪندي واضح ڪيو آهي ته وڏو وقت وڃائي چڪا آهيون. حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جون سيٽون لڪائڻ واري انڪشاف واريون خبرون هلڻ ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن مان به پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي  موجوده سيٽن توڙي جاري ڪيل آفر آرڊرن بابت غلط ڄاڻ ملڻ تي تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري اڪبر لغاري نوٽيس وٺندي موجوده سيٽن وارو معاملي پنهنجي هٿ ۾ کڻندي سموري سنڌ جي ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي اوز جي آفيس سپريٽينڊنٽ کي ڇنڇر ۽ آچر تي ڪراچي ۾ طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن تعليم کاتي جي ذريعن موجب حيدرآباد ۾ ڊي اي او طرفان حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ پي ايس ٽي اي جون سيٽون لڪائڻ واري انڪشاف بابت هلندڙ خبرن جو تعليم کاتي جي وزير سيد سردار شاهه نوٽيس وٺندي سيڪريٽري کي واضح هدايتون ڏنيون ته ميرٽ کي اوليت ۾ رکندي مقرريون ڪيون وڃن، جنهن کانپوءِ تعليم کاتي جي سيڪريٽري به معاملن جي جاچ پڙتال شروع ڪري ڇڏي ۽ شروعات ۾ ئي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ڊائريڪٽرن توڙي ڊي اي اوز پاران ڏنل موجوده سيٽن واري ويب سائيٽ تي اپڊيٽ ٿيل لسٽ فوري طور تي هٽرائي ڇڏي آهي. هوڏانهن تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري جي هڪ آڊيو رڪارڊنگ پڻ ملي آهي، جنهن هو چئي رهيو آهي ته آئون ڇنڇر ۽ آچر ڏهاڙي تي گڏجاڻيون رکي رهيو آهيان، پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي موجوده سيٽن بابت جيڪا معلومات گهري هئي، اها سمورن ضلعن مان پهچي چڪي آهي، پر ان ۾ تمام وڏيون غلطيون آهن. هن ڪنهن ضلعي جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته ڪجهه ڊي اي اوز ته بغير ڪجهه ڏسي جيڪا لسٽ هنن کي ٺاهي ڏني وئي، اها هنن اڳيان موڪلي ڇڏي ۽ ايتري حد جو جوڙجڪ به غلط ڪئي. هن واضح چيو ته مون کي ڊي اي او صاحبن کان اهڙي اميد نه هئي. هن چيو ته ڇنڇر ڏهاڙي ڪراچي ۾ گڏجاڻي آهي. هن واضح ڪندي چيو ته هن گڏجاڻي ۾ ڪوبه ڊائريڪٽر يا ڊي اي او نه ايندو، پر ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي اوز جا آفيس سپريٽينڊنٽ ايندا، جيڪڏهن آفيس سپريٽينڊنٽ جي پوسٽ ڪٿي خالي آهي ته اتي ڀرتين کي ڏسندڙ آفيسر ڪيترا آفر آرڊر ملي چڪا آهن ۽ ڪيتريون پوسٽون خالي آهن اهو اسٽيمپ ٿيل مواد کڻي ايندو.

  • ڪيترن ئي ضلعن ۾ پي ايس ٽي جون سيٽون خالي ٿيڻ واريون

حيدرآباد: تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن جي ڀرتين وارو عمل جاري آهي، پر تازي صورتحال اها بيٺي آهي ته پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي هڪ ئي وقت ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار پي ايس ٽي جا آرڊر وٺڻ بعد وري جي ايس ٽي جا آرڊر وصول ڪندي پي ايس ٽي واري سيٽ خالي ڪري رهيا آهن، ٻڌايو وڃي ته ڪيترن ئي ضلعن ۾ پي ايس ٽي جون وڏي تعداد ۾ سيٽون خالي ٿي وينديون ۽ نون ڀرتي ٿيلن مان به ڪيترائي اميدوار پي ايس ٽي کان جي ايس ٽي استاد واري پوزيشن تي هليا ويندا، جنهن سبب پي ايس ٽي جون وڌيڪ سيٽون خالي ٿي وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.