اتحادي حڪومت جي اچڻ شرط وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ لاٿ

اسلام آباد(م ڊ) اتحادي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ جي پهرين مهيني ۾ ئي وڏين صنعتن جي پيداوار گهٽجي وئي، شماريات کاتي  وڏين صنعتن جي پيداوارجا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن مطابق مارچ جي ڀيٽ ۾ اپريل ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 13.3 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جولاءِ کان اپريل سالياني بنيادن تي وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 10.7 سيڪڙو اضافو ٿيو، انگن اکرن مطابق جولاءِ کان اپريل سالياني بنياد تي ٽيڪسٽائل جي پيداوار 3.7 سيڪڙو وڌي، ڪاٺين جي مصنوعات جي پيداوار 134.9 سيڪڙو، تمباڪو جي پيداوار 14.5 سيڪڙو ۽ فرنيچر جي شعبي ۾ 227.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، مشروبات جي پيداوار ۾ 1.5 سيڪڙو، فوڊ مصنوعات جي پيداوار 11 سيڪڙو، ڪيميڪل شعبي جي پيداوار 8.3 سيڪڙو، آئرن، اسٽيل سيڪٽر جي پيداوار ۾ 16.3 سيڪڙو اضافو ٿيو، جولاءِ کان اپريل آٽوموبيل سيڪٽر جي پيداوار 48.2 سيڪڙو ۽ فارماسيوٽيڪل جي پيداوار ۾ 3.2 سيڪڙو اضافو ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.