قومي اسيمبلي ۾ سنڌ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پوڇڙ تي پاڻي پهچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. جمعي  ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ جي ڊي اي جي ميمبر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي نڪتن جو جواب ڏيندي خورشيد شاهه چيو ته پاڻي جي کوٽ هڪ مسئلو آهي ۽ ان تي روزاني گڏجاڻي به ٿيندي آهي ته پوڇڙ تائين پاڻي پهچايو وڃي. هن چيو ته ڪوٽڙي بيراج ۾ 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي آهي، هن چيو ته اسان تي الزام آهي ته سنڌ بلوچستان کي پاڻي نٿا ڏيون، پوڇڙ تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ سنڌ جي آبپاشي واري وزير سان ڳالهائينداسين، ان کان اڳ فهميده مرزا چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جو بحران آهي، لوڊشيڊنگ به آهي، سکر کان 16 هزار پاڻي ايندو آهي ۽ روهڙي تائين پهچندي ان ۾ 6 هزار جي لاٿ ٿي ويندي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.