اين اي 240 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي ٽي ايل پي جي درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 240 جي ريٽرنگ آفيسر تحريڪ لبيڪ پاڪستان طرفان ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 240 جي ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ايم ڪيو ايم جي محمد ابوبڪر کي 10683 ووٽن سان ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته ٽي ايل پي جي شهزاه شهباز 10618 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو. ٽي ايل پي نتيجا قبولڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست جمع ڪرائي هئي، جنهن آر او ٽي ايل پي طرفان ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست رد ڪئي وئي آهي. ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ جو چوڻ آهي ته اين اي 240 ننڍي چونڊ جي رد ٿيل ووٽن جي تصديق جاري آهي، هينئر تائين  ڳڻپ دوران 440 ووٽ رد ڪيا ويا آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.