شاهه محمود، فواد، شيرين مزاري ۽ اسد عمر لاءِ به گيٽ 4 بند

لاهور (عوامي آواز نيوز) اسٽيبلشمينٽ شيخ رشيد کانپوءِ فواد  چوڌري، شيرين مزاري، اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشيءَ  لاءِ به گيٽ نمبر 4 بند ڪري ڇڏيو، نامياري صحافي گوهر  بٽ پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته ڄاڻايل  اڳواڻ بنيادي طور اسٽيبلشمينٽ جا ئي پاليل ۽ گيٽ نمبر 4  جا ملازم هئا. جڏهن عمران  خان پروجيڪٽ  تي ڪم شروع ٿيو ته اهي اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ جي حڪم تي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا هئا پر اقتدار ۾ اچڻ  ۽ اقتدار مان وڃڻ کانپوءِ  عمران خان جي چڪر ۾ اچي ناڪاري سياسي رستي تي هلي پيا ۽ مسلسل اسٽيبلشمينٽ کي نشانو بڻائيندا رهيا. عمران خان سوشل ميڊيا تي اسٽيبلشمينٽ سربراهه خلاف لاڳيتو ٽرينڊ هلرائي رهيو آهي. اسٽيبلشمينٽ  کي پنهنجن مهرن مان اميد هئي ته هو عمران خان کي سمجهائيندا ۽ درست سياسي دڳ تي آڻيندا پر جڏهن ڏٺو ويو ته معاملو اسٽيبلشمينٽ  جي اميدن ابتڙ آهي ته آخرڪار انهن جي گيٽ نمبر 4  واري نوڪري چٽ ڪري گيٽ انهن لاءِ بند ڪيو ويو، هاڻي  اهي خدشا آهن ته مٿيان اڳواڻ وري ڪانئين  پناهه گاهه ڳوليندا، ڇو ته ڏاڍو مشڪل آهي ته پ پ يا (ن)  ليگ انهن کي قبول ڪري ان ڪري هو سخت پريشان ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.