سنڌ اسيمبلي ۾ گوڙ، وري فوٽو ڪڍڻ جي ڪوشش، اڳ ۾ ٿيل واقعي جي جاچ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌسرڪار جي سال 23/2022 جي بجيٽ تي بحث شروع، ايوان ۾ عورت ميمبرن سان پيش آيل واقعي جي جاچ ڪرائي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.  سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو. ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪو واقعو پيش آيواهو افسوس جوڳوآهي. مان روڪيندي رهيس ته ايوان ۾ موبائل استعمال نه ڪئي وڃي، هاڻي موبائل  استعمال ٿي ته موبائل ڦري ويندي. هن چيو ته  عورتن جي عزت آهي، ايوان ۾ جيڪو ٿيو ان معاملي جي سيڪريٽري کان رپورٽ گهري آهي. جاچ ۾ جنهن تي ذميواري آئي ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته دعا ڀٽو جي موبائل فون ايوان جي هائوس آفيسر کي ملي جيڪا دعا ڀٽو کي واپس ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ خرم شيرزمان ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته دعا ڀٽو سان هاٿا پائي ڪئي وئي، اهو سڀ ڪجهه نامناسب آهي،جيڪو ٿيو ان تي معافي ورتي وڃي. مڪيش ڪمار چيو ته ايوان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي مذمت ڪجي ٿي،اهو طئي ٿيو هوته قيادت جا نالا کڻي تنقيد نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پي ٽي آئي ميمبرن اسان جي قيادت جا نالا کنيا، هو چاهين ٿا ته ايوان جو ماحول خراب ٿئي. ارسلان تاج ڪلثوم چانڊيو کي هٿ لڳايو اها شرم جهڙي ڳالهه آهي. ان دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبر پاڻ ۾ اٽڪي پيا ۽ ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو، گوڙ جا پي ٽي آءِ ميمبر راجا اظهر فوٽيج ٺاهيا ته صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا اعتراض واريندي چيو ته پي ٽي آءِ وارا وري اسپيڪر جي تازي رولنگ جي ڀڃڪڙي ڪندي فٽيج ٺاهين پيا، انهن خلاف ڪارروائي ڪري موبائيل فون ضبط ڪيووڃي. مڪيش ڪمار اسپيڪر کان مطالبو ڪيو ته ڪلثوم چانڊيو جو موبائيل فون به چوري ٿيو آهي، ان جي به جاچ ڪرائي وڃي.ان بعد ڊپٽي اسپيڪر جي هدايت تي راجا اظهر موبائيل فون رکي ڇڏيو. ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن کي سيٽن تي ويهڻ جي هدايت ڪندي پ پ جي سهراب سرڪي کي بجيٽ تي بحث جي هدايت ڪئي، جنهن بعد سهراب سرڪي بحث جي شروعات ڪندي چيو ته پ پ سرڪار ٽيڪس فري عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي آهي.متحده جي وسيم قريشي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته سنڌ جي بجيٽ انگ اکرن ۽ بيوروڪريسي جي بجيٽ آهي، سنڌ سرڪار پاڻي ورهاست تي وفاق آڏو ته آواز اٿاري ٿي پر پاڻ ڪراچي ۾ پاڻي ورڇ تي ظلم ڪري رهي آهي، 25 ارب رپين واروڪي فور منصوبو   125 ارب تي پهتو پر عمل نه ٿيو آهي.  پي ٽي آءِ جو بلال غفار بحث لاءِ اٿيو ته ايوان ۾ هڪ ٻن وزيرن کانسواءِ ڪو به نه هو، جنهن تي هن اعتراض واريندي چيو ته ايوان ۾ وڏي وزير سميت وزير نه آهن.ان تي پ پ جا ميمبر ۽ وزير واپس ايوان ۾ پهچي ويا، جنهن بعد ٻيهر ايوان ۾ ماحول گرم ٿي ويو، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته بلال غفار پارلياماني ليڊر نه رهيو آهي، جيڪو پارليماني ليڊر آهي اهو ميمبرن کي بريفنگ نه ٿو ڏئي. متحده جي  ناصر قريشي  چيو ته سنڌ حڪومت بجيٽ جون گهڻيون تعريفون ڪيون پر حيدرآباد سندن ترجيح ناهي، اسپتالن سميت هر سيڪٽر جي حالت خراب آهي. پي ٽي آءِ جي عديل احمد چيو ته وڏو وزير ناڻي وارو وزير به آهي پر کيس بجيٽ جي ڄاڻ ئي نه آهي. پ پ جي امير علي شاهه چيو ته عمرڪوٽ ۾ ٽراما سينٽر ڏنو وڃي، ٿر وارياسو علائقو آهي اتي روڊن جي ضرورت آهي. عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر کي گئس ڏيڻ سان گڏ خاص پئڪيج ڏنووڃي.پ پ جي  مير الهه بخش ٽالپر چيو ته سنڌ کي 1991 جي معاهدي تي عمل نه ٿيڻ سان پاڻي جي ڏکيائي آهي. منهنجو تڪ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج ٻنهي جي ڀڇڙي جو ضلعو آهي. ڊپٽي اسپيڪر اجلاس سومر ڏينهن يارهين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.