ايم ڪيو ايم کي بچائڻ جو مشن، الطاف حسين جو پنهنجي ڌيءَ کي سياست ۾ لاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (ع آ خاص رپورٽ : عدنان هاشمي) ڪراچي ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين راڄ ڪندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪمزور ٿيڻ بعد ڪراچي تحريڪ انصاف جو کليل نموني ساٿ ڏنو، بدقسمتي سان پي ٽي آءِ جو سمورو ڌيان پنجاب حڪومت تائين محدود رهيو، پارٽيءَ صدر ۽ گورنر جي ڪراچي مان مقرري ڪري اهو سمجهي ورتو ته هنن ڪراچي جو حق ادا ڪري ڇڏيو. ڪراچي لاڳيتو سنڌ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ فٽ بال بڻيل رهيو، شهر واسين کي بنيادي سهولتون ته  نه  ملي سگهيون پر لالي پاپ ضرور ملندا رهيا، گرين لائين پراجيڪٽ تي به ڪريڊٽ وٺڻ ۽ الزام بازي جون ڪوششون ٿيون جيڪو هيل تائين پورو ناهي ٿيو. ايم ڪيو ايم جي ووٽ بينڪ کي متاثر ڪرڻ لاءِ پراجيڪٽ مصطفيٰ ڪمال لانچ ڪيو ويو پر هو پي ايس پي سربراهه جي حد کان وڌندي پاڻ تي اعتماد سبب ناڪام ٿيو، ائين ڪراچي ۾ ڪيترن ئي اسٽيڪ هولڊرز جي موجود هجڻ باوجود خلا پيدا ٿي پئي آهي. 2018 ۾ مهاجر ووٽ جي ورهائجڻ جو سڌي ريت فائدو پي ٽي آءِ کي ٿيو پر هن ڀيري تحريڪ لبيڪ به پنهنجو شيئر وٺڻ ميدان ۾ لهي آئي آهي.  خميس تي ٿيل اين اي 240 واري ضمني چونڊ به ان ڳالهه جو ثبوت آهي، هي تڪ ايم ڪيو ايم جو ڳڙهه سمجهيو ويندو آهي، ان باوجود ايم ڪيو ايم پنهنجن ووٽرز کي ٻاهر نه ڪڍي سگهي ۽ ڏکيائي سان پنهنجي سيٽ بچائڻ ۾ عارضي طور تي ڪامياب ٿي، ڇو ته اها معمولي سرسي حتمي نتيجن ۾ ختم ٿي سگهي ٿي. ڪجهه ماڻهو ان کي پي ٽي آءِ جي موقف جي سوڀ ڪجهه وري ايم ڪيو ايم جي سياست جي خاتمي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر اصل ڪارڻ مهاجر سياست جو ورهائجڻ آهي. هن تڪ ۾ مهاجر سياست ڪندڙ ٽن پارٽين حصو ورتو هو جنهن ۾ متحده قومي موومينٽ، پاڪ سرزمين پارٽي ۽ مهاجر قومي موومينٽ شامل آهن. جيڪڏهن هي سموريون پارٽيون هڪ ئي پليٽ فارم تي موجود هجن ها ته هي تڪ ته ڇا شهر جي ڪيترن ئي تڪن ۾ واضح سرسي رکن ها. هاڻي متحده قومي موومينٽ جو ايندڙ امتحان عامر لياقت واري خالي سيٽ اين اي 245 تي ٿيندو. شايد هن صورتحال کي اڳ ئي محسوس ڪيو ويو هو ۽ ان سلسلي ۾ مختلف خبرون گردش ۾ هيون، پردي پٺيان هلندڙ معاملن ۾ عشرت العباد جو نالو به سامهون ايندو رهيو آهي، پاڻ پيپلزپارٽي لاءِ به اهو ضروري آهي ته مهاجر سياست هڪ ئي پليٽ فارم تان ٿئي، ٻي صورت ۾ ان جو فائدو پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ لبيڪ کي ٿي سگهي ٿو ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي اهم شهر ۾ سياسي نمائندگي کان محروم ٿي سگهي ٿي.  الطاف حسين کي پاڪستان جي سياست ۾ سڌي ريت شرڪت جي اجازت نه پئي ملي سگهي، جيتوڻيڪ هو پنهنجي بيان جي ڪيترائي ڀيرا معافي گهري چڪو آهي. الطاف حسين کانسواءِ ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ ورڇ ۽ ناراضگين کي ختم ڪرڻ جو هڪ ئي حل الطاف حسين آهي پر هو ته اچي نٿو سگهي ته ان جو توڙ مسلم ليگ ن فارمولي جي طور تي ڪڍيو ويو آهي. اهو فارمولو هي آهي ته خانداني سياست خلاف ڳالهائيندڙ ايم ڪيو ايم هاڻي الطاف حسين جي ڌيءَ افضا الطاف کي سياست جي ميدان ۾ لاهڻ جو پروگرام بڻائي رهي آهي، ايم ڪيو ايم الطاف گروپ سان واسطو رکندڙ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اسان کي پيغام اچڻ شروع ٿي ويا آهن ته پارٽي کي سرگرم ڪرڻ لاءِ پراڻن سيڪٽرز ۽ يونٽس واري نظام کي فعال ڪريو. ذريعن اهو به چيو ته الطاف حسين پنهنجي ڌيءُ جي ذريعي پارٽي کي هلائيندو ۽ نواز شريف جيان ٻاهر ويهي پارٽي کي هدايتون جاري ڪندو. ٻئي پاسي ان سلسلي ۾ هڪ وڏو بريڪ ٿرو اهو به ٿي سگهي ٿو ته سياسي مخالف متحده قومي موومينٽ ۽ مهاجر قومي موومينٽ هڪ اتحاد ٺاهي ان ئي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ عامر خان گروپ چڱو مضبوط آهي، جنهن سبب ايندڙ چونڊن ۾ هي پارٽي سيٽن جي معاملي تي وڌيڪ ورهائجي سگهي ٿي. ٻئي پاسي مصطفيٰ ڪمال به پنهنجي پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ محنت ڪري رهيو آهي جيڪڏهن اتحاد ٺهي ٿو ته ٺيڪ نه ته ايندڙ ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ لبيڪ ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي وڏو سرپرائيز ڏئي سگهن ٿيون. ذريعن جي اها به دعويٰ آهي ته هن اتحاد ۾ وڏي رنڊڪ مصطفيٰ ڪمال آهي جيڪڏهن هو نٿو مڃي ته اتحاد ان کانسواءِ ٺهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.