ايف اي ٽي ايف اعلان کان پهريان اڳڪٿيون نه ڪيون وڃن: حنا رباني

اسلام آباد( م ڊ) مملڪتي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( فيٽف ) جي باضابطا اعلان کان  پهريان اڳڪٿين کان پاسو ڪيو وڃي. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي حنا رباني کر چيو ته پاڪستان لاءِ به فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ ايترو ئي اهم آهي ته جيترو ٻين ملڪن لاءِ، اسان جو طريقيڪار مختلف رهيو ، اسان کي ٻن ورڪنگ پلان تي هڪ ئي وقت ڪم ڪرڻو پيو . آڪٽوبر تائين گري لسٽ مان نڪرنداسين، اسان جون ڪوششون ساراهيون ويون. حنا رباني کر وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته لسٽ مان نڪرنداسين ته جيئن اسان جي معيشت بهتر ٿئي، اسان پنهنجو ڪيس وضاحت سان پيش ڪري ڇڏيو آهي، فيٽف جي اعلان کان پهريان اڳڪٿيون نه ڪيون وڃن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.