عمران خان گري لسٽ مان نڪرڻ جو ڪريڊٽ حماد اظهر کي ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم۽ پي ٽي آءِ چيئرمين  عمران خان فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( ايف اي ٽي ايف ) جي فيصلي تي  ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ عمران خان لکيو ته فيبروري 2018ع ۾ پاڪستان کي فيٽف گري لسٽ ۾ وڌو ويو، اسان حڪومت ۾ آياسين ته بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جو خدشو هو . هن چيو ته پاڪستان کي هنيئر تائين سڀ کان وڌيڪ چيلنجنگ ايڪشن پلان ڏنو ويو  ۽ اسان فيٽف جي 34 مان 32 ايڪشن آئٽمز کي مڪمل ڪيو جنهن فيٽف منهنجي حڪومت جي ڪم ۽ سياسي عزم کي ساراهيو هو. عمران جو چوڻ هو ته حماد اظهر، فيٽف رابطا ڪميٽي ۽ آفيسرن جي غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکاري، ايڪشن پلان تي ڪم مڪمل ٿيڻ جي تصديق لاءِ فيٽف ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي ۽ مونکي يقين آهي ته فيٽف ٽيم دورو به ڪاميابي سان مڪمل ٿيندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.