ڪراچي (رپورٽر) انٽربينڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 33 پئسا مهانگو ٿي 209 رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو. ملڪ ۾ روپي جي لاٿ جو سلسلو لڳاتار جاري آهي ۽ ڪالهه به انٽربئنڪ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ رڪارڊ واڌ ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر پهريون ڀيرو 211 رپين جي رڪارڊ سطح تي موجود آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن انٽربينڪ ۾ ڊالر 207 رپيا 67 پئسن جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو هو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ هي 208 رپيا 50 پئسن جي سطح تي موجود هيو. 03