پي ٽي آءِ جي ناراض ايم اين اي جو مهانگائي خلاف قومي اسيمبلي ۾ احتجاج

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي ناراض ايم اين اي نور عالم خان چيو آهي ته مان آفيس ۾ چانهه بسڪيٽن جو خرچ پنهنجي کيسي مان ڏيندو آهيان، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مهانگائي سان مان به پريشان  آهيان، پنهنجي گاڏي ۾ پيٽرول پاڻ وجهرائيندو آهيان، سرڪاري گاڏي به استعمال نه پيو ڪريان، هن چيو ته سڀني کي ان جو احساس هئڻ گهرجي، انهن ليڊرن کي به پڇڻ گهرجي جيڪي جلسن ۾ هيليڪاپٽر تي ويندا آهن، منهنجي تڪ ۾ هفتي کان بجلي ناهي، هن چيو ته مفتاح اسماعيل وڏيون ڀڀڪيون هڻندو هو، هو اڄڪلهه ڪٿي آهي، جيڪڏهن هن آءِ ايم ايف سان ڪو معاهدو ڪيو آهي ته اهو به پارليامينٽ آڏو آڻيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.