گري لسٽ مان نڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ بلاول کي وڃي ٿو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ علي زيدي جي پريس ڪانفرنس  تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي نا سمجهھ ماڻهن کي سفارتي طور طريقن جي خبر ئي ناهي. ايف اي ٽي ايف پاران سرڪاري اعلان ٿيو ئي ناهي. هي ماڻهون صبح کان پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري صوبائي وزير پنھنجي جاري بيان ۾ چيو ته سندن اھڙين حماقتن ڪري دوست ملڪ پاڪستان کان ناراض ٿي ويا هئا، اتحادي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير/چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي  اڻ ٿڪ محنت رنگ لاتو آهي ۽ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جا واضع امڪان آهن. صوبائي وزير چيو ته  سفارتي طريقن جو خيال رکندي آفيشل اعلان جو انتظار ڪرڻ گھرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جو اعلان ٿئي ٿو ته ان جو سمورو ڪريڊٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وڃي ٿو ، جنھن پنھنجي پرڏيهي دورن ۾ پاڪستان جو ڪيس مضبوط طريقي سان رکيو. صوبائي وزير چيو آهي ته پي ٽي آئي اين اي 240 تان پنهنجي بد ترين هار کي ڏسي ڀڄي وئي. کين اميدوار ئي نه مليو . الزام لڳائڻ، ڪوڙ کي سچ ۾ بدلائڻ لاءِ بونگيون ھڻڻ پي ٽي آئي جي اڳواڻن جي عادت بڻجي وئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حقيقي ، جمهوري ۽ عوامي مارچ پاڪستان پيپلز پارٽي کان سواءِ ڪو به نٿو ڪري سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.