عمران خان دور ۾ سنڌ سان پاڻيءَ ورڇ ۾ تمام گهڻي ناانصافي ٿي: اسماعيل راهو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي ماحوليات واري وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته عمران خان جي حڪومتي دؤر ۾ سنڌ سان پاڻيءَ جي ورڇ ۾ تمام گهڻي  ناانصافي ٿي، ڏُڪار ۽ سوڪهڙي کي مُنهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هن وقت بدين، ٺٽو ۽ـ سجاول سميت ڏکڻ سنڌ موسمياتي تبديلي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار آهي. هن چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب سڄي سنڌ جا آبادگار زرعي ايراضيءَ کي سستي اگهه تي بلڊرز مافيا کي وِڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته پاڪستان جي آباديءَ جو وڏو حصو ماحوليات جي تحفظ ۽ ان جي فائدن کان لاتعلق آهي جنهن لاءِ حڪومتي سطح تي جاڳرتا مهم هلائڻ جي سخت ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.