متحده ڌانڌلي ۽ ٽي ايل پي دهشتگردي ڪئي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 240 ڪورنگي 2 جي ننڍي چونڊ ۾ هنگامن دوران پاڪ سرزمين پارٽي  جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال کي به گولي لڳي آهي.گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ايس پي سربراهه پنهنجي زخمي هئڻ جو اشارو ڏنو هو، مصطفيٰ ڪمال چيو ته فائرنگ دوران گولي منهنجي ٽنگ ۾ گوڏي کان مٿان لڳي، گولي ڪٿي ٽڪرائڻ کانپوءِ منهنجي ٽنگ ۾ لڳي.هن ٻڌايو ته ٽنگ ۾ لڳڻ کانپوءِ اڌ ٻاهر ئي هئي جيڪا پاڻ هٿ سان ٻاهر ڪڍي ورتي هئي ۽ گولي لڳڻ بعد ترت طبي امداد ڏني وئي ۽ ڊاڪٽر زخم تي پٽي ڪئي، هن چيو ته منهنجي گهرواري تي به فائرنگ ڪئي وئي، الله جي رسول صلعم جو نالو کڻي هڪ جماعت ملڪ ۾ دهشتگردي ڪري رهي آهي، سعد رضوي پنهنجي  سربراهي ۾ اسان جي ڪئمپ ۽ اسان جي ساٿين تي حملو ڪيو جنهن سبب منهنجو هڪ ساٿي سيف الدين شهيد ٿيو، هن سوال اٿاريو ته ايتري حساس علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ڪٿي هئا؟ ڪٿي هئي پوليس؟ ڪٿي هئي رينجرز؟ هن چيو ته هڪ پارٽي جنهن پنجاب ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ان کي کليل اجازت ڏني وئي آهي ته ڪراچي ۾ اچي ڪجهه به ڪري، هن چيو ته ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم سرعام ڌانڌلي ڪئي، اسان جي اميدوار کي 13 هزار کان وڌيڪ ووٽ پيا، ان جا ثبوت به موجود آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.