چونڊون هيل ئي ٿينديون، پي ٽي آءِ بلاول کي ووٽ ڏيندي: نبيل گبول

ڪراچي (م ڊ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نبيل گبول چيو آهي ته نيون چونڊون هن ئي سال ٿينديون ۽ بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ وزيراعظم ٿيندو، پي ٽي آءِ به کيس ووٽ ڏيندي. نبيل گبول موجب آصف زرداري ايندڙ ڏينهن ۾ به صدر بڻجڻ وارو آهي ۽ نئين حڪومت به اتحادي ٺهندي. هڪ انٽرويو ۾ پ پ اڳواڻ چيو آهي ته اڳتي هلي ڪا اپوزيشن نه هوندي سڀ حڪومت ۾ هوندا، هاڻي ڪنهن کي اڪثريت نه ملندي، هاڻي سڀ پنهنجي پنهنجي گهٽي جا ليڊر آهن. هن چيو ته هاڻي اسان وڙهي نٿا سگهون، هاڻي اسان جو ڪو سياسي مخالف نه هجڻ گهرجي، سڀني کي ملڪ سنڀالڻو آهي. سندس چوڻ هو ته گرينڊ ڊائيلاگ ٿيڻ گهرجن، جنهن ۾ سڀ کان پڇجي ته هن صورتحال ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو ۽ ان ۾ اسٽيبلشمينٽ به  هجڻ گهرجي، فوج جي راءِ ۽ مدد به وٺڻ گهرجي، ان جي مدد کانسواءِ پاڪستان ۾ ڪجهه نٿو ٿي سگهي، اقتدار ۾ ڪير اچي ٿو اهو بحث ناهي. پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته پاڪستان آهي ته اسان جي سياست آهي، پاڪستان کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان نيوڪليئر اسٽيٽ آهيون، اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته پاڪستان کي بچائڻو آهي يا پنهنجو پاڻ کي. سندس چوڻ هو ته نومبر اهم آهي، ٿي سگهي ٿو ته ٽن چئن مهينن ۾ گهڻو ڪجهه ٿي وڃي، معيشت جي صورتحال ڪجهه بهتر ٿي وڃي ته شهباز شريف کي حڪومت ڇڏي ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان کي نه هٽايون ها ته گهڻو ڪجهه ٿي رهيو هو، ناڻي جي صورتحال خراب آهي جيڪو خالي هجي ها. ملڪ دنيا کان ڌار ٿي رهيو هو، ڪجهه ملڪ ڪاوڙيل هئا، پاڪستان سان آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ پري ڀڄي رهيا هئا ۽ صورتحال ڏکي هجي ها. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شهباز شريف سامهون مهانگائي سبب شهرين جو ٻڌايم ته هن چيو ته اهو ٻڌايو مون کي ڌڪو ڪنهن ڏنو، اصل ۾ شهباز شريف هڪ سال کان هن ڌڪي جي انتظار ۾ هو جڏهن ته شهباز شريف ناڻي جي حالت ڏٺي ته ان کانپوءِ وڏو پريشان آهي. هن چيو ته شيخ رشيد کي به خبر نه هئي ته عمران خان سان ڇا ٿيندو، عمران خان کي به 6 ڪلاڪ اڳ خبر پئي ته هينئن ٿيڻ وارو آهي. عمران خان کي پنهنجين حرڪتن تي ڪڍيو آهي. هو سمجهندو هو ته ان کي عوامي حمايت آهي.  سندس چوڻ هو ته عمران خان مون کي 2013 ۾ چيو هو ته مان ايندڙ وزيراعظم آهيان پر ان وقت ڳالهه نه ٺهي سگهي ٿئي، عمران خان سان منهنجي 2002 کان دوستي آهي، عمران خان پنهنجي ماڻهن کي منهن تي گاريون ڏيندو هو. هڪ ڀيري مان ساڻس گڏ ويٺس ته سامهون علي زيدي هو، عمران خان چيو ته هي گڏهه آهي هن تي بليڪ اينڊ وائيٽ رنگ ڪريان ته هي زيبرا نه بڻجي ويندو، جواب ۾ هن کلي چيس ته ڀوڳ سٺا ڪندا آهيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.