صوبائي محتسب کي گذريل سال هراساني جون 56 شڪايتون مليون

ڪراچي(رپورٽر ) صوبائي محتسب ريٽائرڊ شاهنواز طارق چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت سان ملاقات ڪري  ملازمت جي جڳهه تي عورتن کي هراسان ڪرڻ جي خلاف تحفظ جي اداري جي ساليانه رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ جي مطابق اداري کي سال 2020 ۾ هراساني جون 48 درخواستيون حاصل ٿيون جنهن مان 24 تي فيصلو ٻڌايو ويو. 2021 ۾ هراساني جون 56 درخواستون مليون ۽ 34 تي فيصلو ٻڌايو ويو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هراساني جي سڀ کان وڌيڪ شڪايتون تعليم کاتي ۾ 31 ٻيون حاصل ٿيون. صحت کاتي ۾ 17 درخواستون حاصل ٿيون. صوبائي محتسب جي ملازمت جي جڳهه تي عورتن کي هراسان ڪرڻ جي خلاف تحفظ جسٽس ريٽائرڊ شاهنواز طارق ٻڌايو ته اداري جي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ آفيسون قائم ڪيون ويون آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.