نواز شريف ڳجهي ٺاهه تحت وطن واپس نه پيو وري: شيخ رشيد

اسلام آباد ( م ڊ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه  شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شرف ڳجهي ٺاهه تحت نواز شريف ڏيهه واپس نه پيو اچي، ڊالر 210 تي اچي ويو آهي ناڻي وارو وزير چوٿون ڀيرو عوام تي مهانگائي جو ٻوجهه وجهڻ وارو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن شام ستين وڳي مارڪيٽون بند ڪيون ويون ته دڪاندار به بک مري ويندا، معاشي تباهي جو ڪريڊٽ امپورٽڊ حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. شيخ رشيد چيو ته جنهن ڏينهن سندن ڪيس ختم ٿيندا هي چونڊن ڏانهن ويندا، هڪ درجن پارٽين کان عوام بيزاري ڏيکاري چڪو آهي ته جڏهن ته اڪيلو عمران عوام جي دلين تي ڇانئجي ويو آهي. هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت مفاد پرستن جو ٻيو نالو آهي، هي چورن جو ٽولو آهي جنهن کي عوام ڪا به موٽ ناهي ڏئي رهيو، هي هڪ درجن پارٽيون پنهنجي سياسي قبر کوٽي رهيون آهن ۽ ماڻهو سندن منهن ڏسندي ئي ٽي وي چئنل بدلائي ڇڏين ٿا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.