ٿر جي ڪوئلي لاءِ ريلوي لنڪ وڇائڻ جو منصوبو جلد شروع ڪيو ويندو: امتياز شيخ

ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي کي ملڪ جي ٻين پاور پلانٽس تائين پهچائڻ لاءِ ريلوي لنڪ وڇائڻ جو منصوبو جلد شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته ان حوالي سان ڪالهه اسلام آباد ۾ چيئرمين پاڪستان ريلوي بورڊ ۽ ريلوي جي اعليٰ آفيسرن سان ملاقات دوران ٿر ڪول فيلڊ کان ڇور ريلوي لائين تائين 105 ڪلوميٽرن جي منصوبي جي ٻين تفصيلن تي ضروري صلاح مشورا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ٿر ڪول فيلڊ کي نيشنل ريلوي ٽريڪ سان ڳنڍڻ سان ٿر ڪول ملڪ جي سمورن ڪوئلي پاور پلانٽس تائين پهچندو ۽ ٿر ڪول تي ملڪ جا پاور پلانٽس هلائڻ سان درآمد ٿيل ڪوئلي تي خرچ ٿيندڙ پرڏيهي مٽاسٽا جي وڏي بچت ٿيندي. ٿر ڪول فيلڊ کان نيشنل ريلوي ٽريڪ ڇور تائين ريلوي ٽريڪ وڇائڻ جو ڪم 14 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.