ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ منظم ۽ جامع ايڪشن پلان شروع ڪرڻو پوندو: صدر علوي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ننڍن ڊيمن جي تعمير سميت ٻين قدمن جي ذريعي پاڻي محفوظ ڪرڻ جي  ذريعن ۾ اضافو ڪري پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، پاڪستان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن صحرا ۽ ڏڪار کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اسان کي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط پاليسيون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ منظم ۽ جامع ايڪشن پلان شروع ڪرڻو پوندو، ڏڪار کي منهن ڏيڻ جي جامع حڪمت عملين تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، پاڻي ۾ ٻيهر اضافي جي ذريعي پاڻي جي حفاظت کي بهتر بڻائڻو پوندو، پاڻي جا وڌيڪ ذخيرا بڻائڻا پوندا، پاڻي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻو پوندو ۽ سڄي ملڪ ۾ ٻيلن جي زمين کي وڌائڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.