ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ حڪومت توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪاروباري وقت محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سڄي صوبي ۾ ڪاروباري وقت تبديل ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ ڪاروباري سرگرميون رات نائين وڳي کانپوءِ جاري رکڻ منع قرار ڏنو ويو آهي جنهن تحت رات 9 وڳي سموريون بازارون، دُڪان ۽ شاپنگ مال بند ڪيا ويندا. نوٽيفڪيشن موجب سمورا شادي هال ساڍي ڏهين وڳي بند ڪيا ويندا جڏهن شاديءَ جا پروگرام به رات ساڍي ڏهين وڳي تائين ختم ڪرڻا پوندا.نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هوٽلون، ريسٽورينٽ، ڪافي شاپ ۽ ڪيفي رات 11 وڳي بند ڪيون وينديون، جڏهن ته ميڊيڪل اسٽور، اسپتالن، پيٽرول پمپن، سي اين جي اسٽيشنز، بيڪرين ۽ کير جي دڪانن تي اهو فيصلو لاڳو نه هوندو. نوٽيفڪيشن موجب حڪومت توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪاروباري وقت محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ نئون ڪاروباري وقت رات کان لاڳو ٿي ويو جڏهن ته اهو فيصلو هڪ مهيني لاءِ ڪيو ويو آهي. گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هوٽلز، ريسٽورنٽ ۾ ڪافي شاپس رات جو 11 وڳي بند ٿيندا،بجلي جي بحران کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ گهروکاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب توانائي بچت لاءِ ڪاروباري سرگرميون محدود ڪرڻ جو فيصلو مهيني لاءِ ڪيو ويو، ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي. 03