محمود آباد جي ڪچي آبادي ۾ غيرقانوني اڏاوت تي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ ۾ ڪچي آبادي محمود آباد ۾ غير قانوني اڏاوت خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول  اٿارٽي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري  ڇڏيا آھي، ان سلسلي ۾ درخواست گذار موجب محمود آباد ۾ گرائونڊ پلس 2 جي اڏاوت جي اجازت آهي، بلڊر 5-5 ماڙ جوڙائي رهيا آهن.درخواست گذار موجب بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي شڪايت ڪئي وئي پر ڪا به ڪارروائي نه ٿي، ڪچي آبادي محمود آباد ۾ غير قانوني اڏاوت جلد روڪرائي وڃي.ٻئي پاسي گلشن اقبال بيت المڪرم مسجد جي احاطي ۾ جانور رکڻ واري ڪيس ۾ ڊي سي ايسٽ ۽ ايس ايچ او عزيزڀٽي پارڪ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته مسجد جي اڱڻ ۾ جانورن کي وڪرو ۽ خريد ڪيو پيو وڃي.جانورن جي بيماري جي ڪري محلي جي عوام پريشان آهن.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.