ماڻهو اڃا کنڀجن پيا، مشرف ۽ ٻين کي نوٽيس جو ڇا ٿيو، ڇا وزيراعظم بي وس آهي

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مدثر نارو گمشدگي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جبري گمشدگين جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏيون؟ يا وري ٻڌائي ڇڏيو ته هتي رياست  اندر رياست قائم ٿيل آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ مدثر نارو ۽ ٻين گم ٿيل شهرين جي بازياب نه ٿيڻ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي جنهن سلسلي ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ڊپٽي اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته عدالت پنهنجي گذريل آرڊر ۾ ڇا لکيو ته اهو پڙهي ٻڌايو، اِن آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو هو ته مسنگ پرسنز کي بازياب ڪري پيش ڪيو وڃي، اهي ڪٿي آهن؟ چيف جسٽس جي سوال تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جاچ ايجنسيون به ڪوشش ڪن پيون. ان تي چيف جسٽس اطهر من الله  چيو ته عدالت کي ڪميٽين ۾ نه ڦاسايو، اهو ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي عمل ٿيو يا نه؟ وفاقي حڪومت جو ايڪشن ڪٿي آهي؟  اڃا به روز ماڻهو کنڀيا پيا آهن، پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي، وفاقي حڪومت کي پرويز مشرف ۽ ان بعد سمورن وزيراعظمن کي نوٽيسز جاري ڪري حڪم ڏنو ويو هو ته اهي نوٽيسز ۽ حلفي بيان ڪٿي آهن؟ ڇا اهو سٺو لڳندو ته چيف ايگزيڪٽو کي سمن جاري ڪري؟ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته وفاقي ڪابينا هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا نه هئڻ برابر آهي، جبري گمشدگين جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏيون؟ يا وري ٻڌايو ته هتي رياست جي اندر رياست آهي، پوليس، آءِ بي ۽ آرمد فورسز جي ايجنسين تي پڻ الزام مڙهيا ويندا آهن، جيترا به ڪيسز آهن ان مان ڪو هڪ ئي ٻڌايو ته کيس نه کنڀيو آهي؟ عدالت چيو ته بچاءُ وارو ڪنهن جي ماتحت آهي، يا وزيراعظم چئي ته هو بيوس آهي، جيڪڏهن وزيراعظم بيوس ناهي ته آئين کيس ذميوار قرار ڏئي ٿو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.