ڪنٽرول ٽاور کي ملڪ رياض تي ڪاوڙ، زوال شروع، ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لاهور (تبصرو: زلف پيرزادو ) اسٽيبلشمينٽ کي هميشه ئي پنهنجا پاليل ٻچا ڳچيءَ ۾پيا آهن، جهڙي طرح عمران خان ڪنٽرول ٽاور جي ڪلهن تي سوار ٿي اقتدار جي مسند تي پهتو ۽ هاڻي ان ئي ڪنٽرول ٽاور کي دوڏا ڏيکاري رهيو آهي. ساڳي طرح ملڪ رياض به  ڪنٽرول ٽاور جي ڳچيءَ ۾ پيو آهي جنهن کي اسٽيبلشمينٽ ان لاءِ پاليو نپايو ته هو وڏن وڏن سياستدانن کي ڪرپٽ ڪري پنهنجو ڳيجهو بڻائي پوءِ انهن کي اسٽيبلشمينٽ جي منشا ۽  مرضيءَ موجب سياست ڪرڻ تي  مجبور ڪري ان ۾ ملڪ رياض ڪک پتيءَ مان کرب پتي بڻجي ويو ۽ مليل ذميواري اهڙي ته احسن طريقي سان ادا ڪئي جو سياستدانن سان گڏ ملڪ جي نيشنل ۽ ريجنل ميڊيا  کي به پنهنجو مريد بڻائي ڇڏيو اهو ئي سبب آهي جو نيشنل ميڊيا ۾ صرف ” ڊان“  ۽ ريجنل ميڊيا ۾ سنڌي اخبار عوامي آواز ملڪ  رياض جا وکا وائکا ڪندي رهي ، باقي ميڊيا جون ملڪ رياض  ۽ بحريا ٽائون جي غيرقانوني  والار ، قبضن ۽  ڪرتوتن تي اکيون ٻوٽيل آهن، ڪنٽرول ٽاور جي فرض  شناس ٻچي ملڪ رياض به عمران خان وانگي ڪنٽرول  ٽاور کي اکيون ڏيکارڻ  شروع ڪيون آهن، جنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ به کيس سبق سيکارڻ جو فيصلو ڪيوآهي ۽  هاڻي شايد! ملڪ رياض جو بچي نڪرڻ ڏکيو آهي، ڪجهه ڄاڻو حلقن جو اهو به خيال آهي ته عمران خان اقتدار  کسجڻ کانپوءِ جيڪي جلسا ڪيا انهن جو ڪروڙين رپيا خرچ ملڪ رياض ڪندو رهيو ، عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ مخالف سخت پاليسيءَ  سان به ملڪ رياض شايد ! متفق آهي. ان کانسواءِ  به ملڪ رياض ڪنٽرول ٽاور کي ناراض ڪري ضرور ڪي اهڙا ڪم ڪيا آهن، جنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ  مٿس ڏمريل آهي، ان سلسلي ۾ باخبر حلقن ۾ اهو به بحث هلي رهيو اهي ته ملڪ رياض جي ڪرتوتن تان مستقبل ۾ پردو کڄندو ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون ايندا. جنهن کانپوءِ ملڪ رياض جو زوال شروع ٿي ويندو، بحرحال اسان جي ملڪ ۾حالتون تبديل ٿيڻ ۾ به دير نه لڳندي آهي. ٿي سگهي ٿو  ملڪ رياض کي معافي ملي به وڃي پر هن وقت ملڪ رياض انتهائي ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.