انڊس ڊيلٽا جي تباهي، ڪيٽي بندر، گهوڙاٻاري، کاروڇاڻ ۾ سمنڊ ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا

ڪيٽي بندر(رپورٽ: الياس سمون )سمنڊ جي مسلسل تيز ويرن سامونڊي پٽي ڪيٽي بندر  گهوڙاٻاري۽ کارو ڇاڻ جا ڪيترا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا،ڳوٺ علي بخش جت خدابخش جت  موسيٰ جت،محمد جت،حاجي ابوجت،حاجي صديق فقيراڻي،احمدجت ،لڌوڀڙج ، ابراهيم دبلو، سومارملاح ،آچارگنبواڻي،محمد علي شولاڻي، ميرجت،گلبهارملاح،ناکوپاتڻي،علي محمددبلو،علوسوماراڻي،ناٿوڳنڀر،پريو ملاح سميت ڪيترن ڳوٺن جا بچاء بند ٽٽي ويا ڳوٺن۾ ٽي فٽ پاڻي موجود آهي متاثر خاندان دربدر آهن ۽ٻين سوين ڳوٺن سميت ڪيٽي بندر، سڄڻ واري، کاروڇاڻ شھر سامونڊي ويرن جي ور چڙھي ويا آھن ڳوٺاڻن جوهنڌ بستروکاڌي پيتي جوشيون سامونڊي ويرن ۾ لڙھي ويون  آھن 5 ڏينهن کان تيز سامونڊي هوائن لڳڻ سبب سمنڊ جي جوارجوپاڻي شهرن ڳوٺن ۾ داخل ٿي رهيو آھي مقامي ماهگيرن ڳوٺاڻن ۽ شھرين بابوجت رفيق سوماراڻي ۽ٻين موجب سامونڊي ويرن ۾ گهٽتائي اچڻ بدران وڌيڪ تيزي اچي رهي آھي ڳوٺن ۽شھرن ۾ جوار جو پاڻي داخل ٿيڻ سڀب بي يارو مددگاربڻيل آھيون پاڻي کاڌ خوراڪ ختم ٿي وئي آھي ڪيرمددڪرڻ لاءِ تيارناهي چونڊيل نمائندا اطلاع ۽ انتظاميااطلاع باوجود به ناهن پهتا ھنن چيو ته سمنڊ۾ ٻيٽن تي آباد سوين خاندان دربدر ٿي ويا آهن، ھوڏانھن نيشنل ٽريڊ يونين آف فيڊريشن جي اڳواڻ ڪامريڊ ناصرمنصور پنهنجي بيان ۾ چيوته سامونڊي چاڙھ کي روڪڻ جو ھڪ ئي حل آھي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان 10 ايم اي ايف پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سان سامونڊي چاڙھ ۾ گهٽتائي ايندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.