عمران خان ۽ شيخ رشيد جا رستا الڳ ٿي ويا

لاهور (عوامي آواز نيوز)  آخرڪار شيخ رشيد ۽ عمران خان جا رستا الڳ ٿي ويا پي ٽي آءِ  جي شيخ رشيد مخالف اڳواڻن سک جو ساهه کنيو، نامياري صحافي معظم فخر پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته پي ٽي آءِ جي سينيئر  اڳواڻن کي شيخ رشيد خلاف ڪافي خدشا هئا، اهو به ته 25  مئي واري لانگ مارچ بابت به شيخ رشيد  وڏيون ڦڙڪيون هڻندو رهيو ۽ عين وقت تي عمران خان کي اڪيلو ڇڏي لڪي  ويو. اڳواڻن کي اهو به اعتراض  هو ته پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي گڏجاڻين ۾ هو ڪهڙي  حيثيت ۾ شرڪت ڪري ٿو ۽ گڏجاڻيءَ  مان نڪرڻ شرط ميڊيا کي ته سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي ٿو پر  وڏي گهر به  سموري ڪارروائي ٻڌائي ڇڏي ٿو، اڳواڻ اهڙن خدشن بابت  مسلسل  عمران خان کي آگاهه ڪري رهيا هئا. پر عمران خان کي اميد هئي ته شيخ رشيد وڏي گهر ( اسٽيبلشمينٽ)  سان لاڳاپا بهتر ڪرائڻ  ۾ مدد گار ثابت ٿيندو. پر جڏهن تازو ڊي جي آءِ ايس پي آر چينل تي اچي شيخ رشيد کي ڪوڙو قرار ڏنو ۽ چيو ته شيخ رشيد اداري  جو ترجمان نه آهي. ان کانپوءِ عمران خان کي پڪ ٿي وئي ته واقعي شيخ رشيد لاءِ گيٽ نمبر 4 بند ٿي چڪو آهي هو کيس بيوقوف بڻائي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ عمران خان منهن ڦيري شيخ رشيد کان رستا الڳ ڪري ڇڏيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.