نوشهري ۾ شادي کان ڇهه سال بعد سهري ناٺي کان سڱ گهري ورتو

ڪراچي (رپورٽر) شادي کان  ڇهن  سالن بعد سهري پنهنجي ڌيءُ جي بدلي ناٺيءَ  کان سڱ گهري ورتو ..مقامي عدالت ۾ ڊسٽرڪٽ نوشهرو فيروز جي ڳوٺ بهادرمڱريو جي رهواسي زال شمائلا پنهنجي مڙس محسن سان  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر  جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ته 2016ع ۾ گهروارن جي پسند سان اسان جي شادي ٿي.  اسان جا ٻه ٻارڙا به آهيون .6 مهينا اڳ مان پنهنجي گهروارن سان ڳوٺ بهادر مڱريو سان ملڻ ويس ته منهنجي گهروارن گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي مڙس سان ملڻ جي اجازت نه ڏني منهنجي پي ءِ چيو ته جيستائين منهنجو نياڻو پنهنجي ڀيڻ يا خاندان جي ڪهڙي ڇوڪري جو رشتو نه ڏيندو، اسان توکي نه ڇڏينداسين.ِ منهنجي گهروارن جرڳو ڪري اسان جي مائٽ خالد ،شاڪر ۽ وحيد کي  ڪاروڪاري تحت قتل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، هن تحفظ جي گهر ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.