” غريب کي جيئڻ جو حق ڏيو“ سنڌ ۾ مهانگائي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ ۾ مهانگائي جي وڌندڙ لهر خلاف احتجاج جو سلسلو تيز ٿي ويو، مختلف شهرن ۾ ڌرڻا، تفصيل  موجب مورو ۾ رڪشا يونين پاران مھانگائي ۽ پيٽرول جا اگھه وڌائڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مورو پريس ڪلب آڏو رڪشا بيھاري نعري بازي ڪئي وئي، جنھن جي اڳواڻي رڪشا يونين صدر جھنڊو خان ڀٽي، نائب صدر غلام شبير ڀٽي، سيد جمن شاھ لڪياري،جسقم آريسر اڳواڻ ديشي اشفاق ملڪ، مورو امن ڪاميٽي جو برڪت علي چنا، يوٿ پاور جو مير سليم ڏاھري، خادم حسين ڀٽو، رڪشا واپاري يونين صدر معشوق علي سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا، ٿرڙي محبت ۾ مهانگائي خلاف حق مزدور اتحاد پاران علي حيدر لاشاري بابر فقير سولنگي انعام کوسو صدام چانڊيو سهيل چنا عبدالحق ناريجو۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مهانگائي گهٽايو تيل جو وڌايل اگهه واپس وٺو غريبن کي جيئڻ جو حق ڏيوجهڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندي ناظم منگي چوڪ تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو مهانگهائي انتها تي پهچي چڪي آهي ڊرگھه بالا ۾ مزدورن، پورهيتن سوشل ورڪرن ۽  سياسي سماجي اڳواڻن  ۽ پي ٽي آءِ ڊرگهھ بالا  اگواڻ وزير علي لغاري. ممتاز وگھيو. امجد ڏاھري. اڪرم ٻٻر. اعطالله کچي، درمحمد ساند. رجب ڏاھري،عبدالستار ڏاھري ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائري ساڙي ڌرڻو ھنيو ،جوهي ۾ سڪندر جمالي, ڪامريڊ غلام قادر لغاري, شاعر خليل عارف سومرو, ايوب لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مخدوم بلاول پارڪ آڏو جوهي دادو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪندي چيو آهي ته ملڪ اندر روزانو پيٽرول جا اگهه وڌائي مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهو کان ماني ڳڀو کسيو پيو وڃي،سجاول ۾  مختلف تنظيمن ۽ ڊرائيورن جو ڊي سي هائوس اڳيان احتجاجي مظاهرو سلطان کوسو ، نظير هٿيار ، آڪاش ٻاگهل ، گل حسن رند ، ممتاز لغاري ڊرائيورن علي حسن سرواڻ پپو جهنڊيل محمد علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي هائوس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ وڪيل به روڊ تي نڪري آيا آهن جن عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪري سيشن ڪورٽ ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري امان الله لهر، محمد اسماعيل ابڙو، محمد قاسم ڪناسرو، مظفر علي وڌو، مهتاب سومرو، عبدالجبار شيخ ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت ٻن مهينن دوران ٽيون ڀيرو پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪري عوام مٿان ايٽم بم ڪيرائي ڇڏيو ،لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان يوٿ پيس موومينٽ سٽي طرفان صوبائي صدر عمران علي جتوئي، محمد علي راجپوت، عبدالستار جتوئي، اشتياق احمد لنڊ، سنتوش ڪمار، سڌير احمد جتوئي ۽ ٻين چيو ته اتحادي حڪومت جي اچڻ سان مهانگائي ۾ واڌ سبب عام ماڻهو سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهي، خيرپورناٿن شاھ ۾ پورهيت مزاحمت ,عوامي ورڪرز پارٽي ۽ايس يو پي جي ڪارڪنن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مين بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ منظر چانڊيو ، ڪامريڊ رشيد ٻگهيو ۽ ڪامريڊ عيسيٰ چانڊيو،  ڪامريڊ ماجد ٻگهيو، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ ڪاشف چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.