قاتل گرفتار ڪريو، اوٻاوڙو ۾ دونڌو برادري جو احتجاج

اوٻاوڙو ( ن ع آ )  اوٻاوڙو  ۾ ويھه ڏينھن اڳ پير پلڻ امام بخاري جي هلندڙ سالياني ملاکڙي دوران ٽڪٽ نه وٺڻ معاملي تان ڌونڌو برادري ۽ دايا برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو لٺيون پٿر لڳڻ سبب دونڌو برادري جو ميوو ڌوندو قتل ٿي ويو ھو ان جي قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف دونڌو برادري جو چڱو مڙس صابر خان دونڌو سون برادري جي ماڻھن سان گڏ تعلقه پريس ڪلب اوٻاوڙو پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو انصاف کپي انصاف کپي جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻندا رھيا، ان موقعي تي  صابرحسين دونڌو، غلام نڀي دونڌو ۽ ٻين چيو ته 20 ڏينھن اڳ دايا برادري جي غنڊن ميلي ۾ حملو ڪري اسان پيرسن ميوو دونڌو کي ناحق قتل ڪري ڇڏيو دايا برادري بااثر ھجڻ ڪري پوليس اڃان تائي مقتول ميوو دونڌو جي قتل ڪيس ۾ گھربل ڪجھه جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري ۽ وري هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر ڄام مھتاب ڏهر پريس ڪلب پهچي اسان متاثرن خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي اسان خلاف گھٽ وڌ ڳالھائي اسان جي دل آزاري ڪئي، هن قاتلن جي حمايت ڪري اسان خلاف غلط لفظ ڳالھائي اسان دل آزاري ڪئي آھي، اسين ميڊيا ذريعي اعلي حڪام کان اپيل ٿا ڪريون ته ناحق قتل ٿيل ميوو دونڌو جي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.