رائونتي ۽ ڀرپاسي مختلف برادرين ۾ تڪرار، فائرنگ، ٻارڙي زخمي

رائونتي (  رپورٽ : منير احمد شر )  رائونتي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ھلندڙ شر، سيلرا ،ڌونڌو، ڀٽ،ا پٺاڻ برادرين  سميت مختلف برادرين ۾ قبيلائي تڪرارن سبب  مليل ڄاڻ موجب سوين ويڙھا ويران ٿي ويا آھن پر ھن وقت تائين گھوٽڪي ضلعي جي پوليس يا چونڊيل نمائندن پاران قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا آهن، گزريل ڏينهن شر برادري جي معزز شخصيت عبدالڪريم شر، عبدالمجيد شر عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته قبيلائي تڪرارن سبب اسان جي علائقن جون رونقون اجڙي ويون آهن جيڪي بحال ڪرڻ بجاءِ سيلرا  ۽ ڌونڌو برادرين جي ماڻهن مبينا طور ڳوٺ عمر شر تي چڙھائي ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ وڌيڪ ھڪ معصوم ٻارڙي رشيدان شر گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي آهي.  ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته قبيلائي تڪرارن جي ڪري ھن وقت تائين مختلف برادرين جا ڪيترائي ڪونڌر ڪسجي ويا آهن پر گھوٽڪي ضلعي جي پوليس ۽ چونڊيل نمائندا قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ سنجيدھ ناھن جنھن سبب وڌيڪ جاني نقصان جو انديشو آهي، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي تڪرار جي خاتمي جون ڪوششون ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.