اوٻاوڙو جو مغوي آزاد، مقابلي جي دعويٰ، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

اوٻاوڙو ( رپورٽ:  عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد مان ھڪ مھينو اڳ نامعلوم ھٿيار بندن ھٿا اغوا ٿيل محمد قاسم ملڪ کي اوٻاوڙوپوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي، پي آر او  ايس ايس پي گھوٽڪي افتخار آرائين پريس رليز جاري ڪري ڇڏي جنھن ۾ بيان ڪندي لکيو ويو آھي  اوٻاوڙو پوليس ۽ رانوتي پوليس جي وڏي نفري جو ايس ايڇ او اوٻاوڙو راشد شاھ ۽ رانوتي ايس ايڇ او ايوب ڊوگر جي اڳواڻي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو آپريشن دوارن ڏوھارين سان  مقابلو ٿي پيو مقابلي ۾ سخت فائرنگ سبب ڏوھاري دٻاءَ ۾ اچي مغوي کي ڇڏي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا جنھن بعد پوليس مغوي کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.