ڪشمور پوليس مغوي ٻار آزاد ڪرائڻ ۾ناڪام،سوين شهرين جو ڌرڻو

ڪشمور (رپورٽ:دليپ ڪيسواڻي) ڪشمور جي ملڪ پاڙي مان 12 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ٽن ورهين جو شيراز ملڪ بازياب نه ٿي سگهيو. ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ وارثن شھرين سان گڏجي روشن تارا  ھاير سيڪنڊري اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل ٽن ورهين جي شيراز ملڪ جي والد دانش ملڪ، ايس ٽي پي تعلقي صدر رفيق چنو، سٽيزنس ويلفيئر ايڪشن ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين علي مراد چاچڙ، فقير محمد زمان دايو، سني تحريڪ جي حافظ محمد حنيف مزاري، ذوالفقار ملڪ ۽ ٻين شھرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور مان 12 ڏينهن اڳ گھر اڳيان راند کيڏڻ دوران شيراز ملڪ کي اغوا ڪيو ويو، پوليس ۽ ايس ايس ايس پي ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.هنن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ شيراز ملڪ جي بازيابي عمل ۾ نه آئي ته شٽربند هڙتال ڪري انڊس هاءِ وي تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڌرڻو هڻنداسين. مغوي شيراز ملڪ جي وارثن وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شيراز ملڪ کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.