ڪراچي(رپورٽر) روزاني عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ميڊم حميده گهانگهرو جي ڀيڻيوئي طاهر عباس جو ٽيجهو اڄ ظهر جي نماز کانپوءِ گلشن اپارٽمينٽس ويجهو ڊسڪو بيڪري گلشن اقبال ڪراچي ۾ ٿيندو، ياد رهي ته حميده گهانگهرو جي ننڍي ڀيڻ پروفيسر قمرالنساءِ جو مڙس طاهر عباس ٻه ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري ويو هو، وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، عوامي آواز سٿ ميڊم حميده گهانگهرو سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي تعزيت ڪئي آهي.