تنگواڻي ۾ بدامني، پروفيسر جي گھر مان چوري،احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

تنگواڻي (ن ع آ) تنگواڻي ۾ بدامني وڌي وئي، چور پروفيسر رضا محمد باجڪاڻي جي گھر مان سولر بيٽريون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا. واقعي خلاف باجڪاڻي برادري جي ماڻهن  احتجاجي مظاهرو ڪري بس اسٽينڊ  تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باھيون ڏنيون. ڳوٺاڻن پروفيسر رضا محمد باجڪاڻي، عبدالستار باجڪاڻي، عبدالحڪيم باجڪاڻي، محمد عالم باجڪاڻي ۽ ٻين چيو ته تنگواڻي ۾ پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي شهري خوف ۾ ورتل آهن. هنن مطالبو ڪيو ته امن امان بحال ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.