ٺل ۾ مهانگائي خلاف شهرين جو پٺا اگهاڙا ڪري احتجاج

ٺل (رپورٽ : سيد زين شاھ ) ٺل ۾ جسقم(بشير قريشي) ۽ شهرين پاران وڌندڙ مهانگائي جي خلاف قميص لاهي سڪل ماني ڳچي ۾  ٻڌي ميونسپل ڪاميٽي جي آفيس اڳيان انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ معصوم ٻارڙا شامل هئا، جيڪي حڪمرانن جي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن ڪامريڊ لياقت سرڪي، رئيس بشير ٻرڙو، ادريس سرڪي، رمضان ڌوئو، منير مهر ۽ ٻين چيو ته حڪمرانن عوام جي مٿان مهانگائي جو ايٽم بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، 25 ڏينهن ۾ 84 روپيه پئٽرول ۽ 120 روپيه ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي،جنهن ڪري عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي،غريب ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي، هنن چيو ته حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ عوام جي مٿان هر هفتي مهانگائي ۾ واڌ ٿي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.