رتوڪوٽ موڙ وٽ تيل جا اگهه وڌائڻ ۽ مهانگائي خلاف ڌرڻو

کپرو (ن ع آ) کپرو-عمرڪوٽ روڊ تي رتوڪوٽ موڙ وٽ عوامي تحريڪ ۽ رتوڪوٽ جي رهواسين وفاقي حڪومت پاران بار بار پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهھ وڌائڻ ۽ مهانگائي خلاف ايڊووڪيٽ حسين بخش مري، نياز مري ۽ صادق  ڪنڀر  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته حڪومت ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو، سڄو بار عوام تي وڌو ويو، غريب ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب عوام ٻڏتر جو شڪار ٿي ويو آھي. ، عام واهپي واريون شيون وڌڻ سبب غريب پورهيت طبقو وڏي مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيو آھي، عوام اهڙن حڪمرانن مان تنگ ٿي ويو آھي، مزدور جيڪو روزانو 300 رپيا ڏهاڙي ڪمائي اچي ٿو، جنهن مان ڪهڙي شئي وٺي غريب پورهيت پنهنجي ٻچن جو پيٽ به نه ٿو پالي سگهي، پورهيت طبقو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي.هنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرائي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي نه ته اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.