جسم پاران پاڻي کوٽ خلاف 3 جولاءِ تي ڌرڻي هڻڻ جو اعلان

مورو (پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو  3 جولاء تي پاڻي کوٽ ۽ مهنگائي خلاف حيدرآباد هٽڙي باء پاس تي رٿيل ڌرڻي جي ڪاميابي لاء سڃاڳي مهم واري سلسلي ۾ مورو پهتو گڏجاڻي کي جسم  سربراه  رياض علي چانڊيو خطاب ڪندي چيو آھي ته اڄ سڄي دنيا ۾ ڏُڪر ۽ ھٿرادو بک جي خلاف عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي, سنڌ جي اندر هٿرادو طور بک  بدحالي جي ماحول کي جنم ڏنو ويو آھي ,سنڌي ماڻھن جي جياپي جو معاشي ۽ ماحولياتي بهتري بقا ۽ ترقي جو ظامن سنڌو دريا آھي, ان سنڌو درياه تي پنجاب جي غيرقانوني قبضي ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ جي ڪري معاشي تباهي آئي آھي, هڪ اھڙي خوشحال قوم وٽ تباهي آئي آھي جنهن قوم وٽ تيل گئيس ڪوئلي سميت لاتعداد معدني وسيلن ۽ سمنڊ سميت اربين روپين جا روينيو ٽڪسز هجن اهي ماڻھو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارين ٿا, حڪومتي وقت جيڪي به 75 سالن کان اقتدار ۾ حڪمران فوجي يا نام نهاد سولين آيا آھن, انهن اسان جا وسيلا کسيا آھن عوام جي بنيادي ترقي کسي آھي,معاشي بهتري لاء ڪو به بندوبست ناهي ڪيو هن رياست جي زميواري آھي ته سنڌ جا جيڪي وسيلا آھن اهي سنڌ ماڻھن جي معاشي بهتري,سماجي ترقي روزگار جي واڌ ويجھ لاء اپاء وٺن ته سنڌ ڏڪار مان نڪري , ۽ اهو ملڪ جي اندر غلامي وارو نظام وسيلا لٽڻ وارو نظام جي ڪري سنڌ بک ۽ ازيتن ۾ گذاري ٿي جنهنجا 50% سيڪڙو ماڻھو نه پر موجوده حالتن ۾ سنڌ ۾ جيڪو حقيقي جيڪو ڏڪار آھي ته سنڌ جا 80%ماڻھن ٻن ويلهن جي ماني نٿا کائي سگهن تعليم صحت ۽ بنيادي  انساني وسيلن کان محروم آھن.  ڏڪار کي منهن پيا ڏين, ان ڏڪار جو خاتم تڏھن ممڪن آھي جڏھن سنڌ جا وسيلا ۽ اختيار سنڌ جي ماڻھن جي هٿ ڏنا وڃن , اسان معاشي ترقي تڏھن ماڻي سگهون ٿا جڏھن اسان جا قومي ۽ جمهور حق بحال ٿين, هن وفاق جي اندر ڪوبه اهڙو بهتر نظام نه آندو ويو آهي, ته وفاقي اندر رهندڙ قومن تي خوشحالي جا وسيلا خرچ ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.