ڪنب ۾ جي يو آءِ پاران بي جي پي جي ترجمان خلاف احتجاج

ڪنب(ن ع آ)  جي يو آء ف  ڪنب پاران انڊيا ۾ شان رسول صه ۾ گستاخي ۽ ڪنب ۾ ھلندڙ شراب جي گتي خلاف جميعت علماء اسلام( ف)ڪنب پاران مولانا حماد الله پنھور, مولانا بدر الدين عثماني, مولانا مولا داد بروھي, حق نواز حسيني, حافظ بلال سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مدرسا بدرالھدا حماديه کان شھر جي مک چوڪ تائين ناموس رسالت  ريلي  ۽ ڪنب ۾ هلندڙ شراب گتي خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو ته انڊيا م مسلمانن سان مسلسل زيادتيون ته ٿينديون رھن ٿيون.  جنھن خلاف آواز اٿاريندا رھيا آھيون پر انڊيا ۾ رسول ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي ڪري مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي آھي جنھن جي سخت مزمت ڪريون ٿا ھنن چيو ته پاڪستان حڪومت کي گھرجي ته انڊيا سان پنھنجا رابطا ختم ڪري گستاخن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.