سنڌ ۾جبري گمشدگيون نامنظور، حيدرآباد ۾احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ سجاڳي فورم، جسقم آريسر ۽ وائيس آف مسنگ پرسن جي سڏ تي جبري گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابيءَ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو. ان موقعي اڳواڻن تاج جويو، پروفيسر امداد چانڊيو، شاهنواز سنڌي، سارنگ جويو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ گذريل وڏي عرصي کان جبري گمشدگين جو سلسلو جاري رکيو ويو آهي، قومي ڪارڪنن کي پرامن جدوجهد جي پاداش ۾ سالن جا سال کڻي گم ڪيو وڃي ٿو جن مان گهڻن جا لاش ملي رهيا آهن ۽ گهڻ جو ڪو به پتو ئي ناهي پئجي سگهيو. هنن چيو ته گمشده ڪارڪنن جون مائريون ۽ ڀينرون پنهنجن پيارن جو رستو تڪينديون رهجي وڃن ٿيون. هنن انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته جبري گمشده قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.