روهڙي لڳ مسلسل پوليس چڙهايون، ناري سميت 5 ڄڻا کنڀي گم، ڌرڻو

روھڙي (  ن ع آ ) روهڙي ويجهو ڳوٺ اڇيون قبيون سان تعلق رکندڙ سوين شر برادري جي احتجاج دوران احتجاج جي اڳوڻي ڪندڙ اڳوڻن مولوي عنايت الله، ثناءُ الله شر، شفقت شر، نديم شر، ڪامريڊ قربان شر، احمد علي. محبوب شر  مائي عائشه ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو آهي ته  گذريل رات نيو يارڊ پوليس چوڪي انچارج اجمل ڪٽبر عرف ججي ڊي ايس پي سکر ستار ڦل ۽ سکر پوليس جي انهن جي گهرن بنا جواز چڙهائي ڪري انهن جي هڪ نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته نيو يارڊ پوليس چوڪي انچارج اجمل ڪٽپر عرف ججي ڪٽپر گذريل رات اسان جي گهرن اندر ڌاڙيلن جيان قھري ڪاروائي ڪري چئن نوجوانن ۽ هڪ معصوم نياڻي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي کنڀي گم ڪيلن ۾   16 سالن جي نينگري  عنايتا ڌيءَ ڪتال شر. سڪندر. عمران.. عبدالڪريم.. سعيد. کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي پوليس جي اهڙي عمل تي شر برادري پاران انصاف جي فراهمي لاءِ احتجاج ڪيو ويو آهي جڏهن ته احتجاج ۾ شريڪ عورتن، ٻارڙن ۽ مردن پاران پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي ۽ احتجاجي ڌرڻي ۾ شريڪ مظاهرين مطالبو ڪيو ته ڊي ايس پي سکر ستار ڦل ۽ نيو يارڊ پوليس چوڪي انچارج اجمل ڪٽبر خلاف ڪيس داخل ڪري کنڀي گم ڪيل نينگري ۽ نوجوانن کي آزاد ڪريو وڃي ٻه ڪلاڪ کان وڌيڪ هلندڙ احتجاج سبب سکر روهڙي ويندڙ روڊ بند هجڻ ڪري سوين گاڏيون بهيجي ويون هوڏانهن ٻن ڪلاڪن جي احتجاج بعد   سکر 15 پوليس انچارج جاويد عالم ابڙو ۽ ڊي ايس پي روهڙي حضور بخش سولنگي مظاهرين کي انصاف جي خاطري ڪرائي ته انهن سان انصاف ڪيو ويندو جنهن بعد شر برادري احتجاج ختم ڪيو پر آخري اطلاعن تائين کنڀي گم ڪيلن مان ڪو به آزاد نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.