جيڪب آباد م پرڻيل ناري پر اسرار نموني فوت، پوسٽ مارٽم نه ٿيو

جيڪب آباد (رپورٽ:  سڪندر علي سرڪي )جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي حد اي ڊي سي ڪالوني ۾ شادي شدھ ناري پر اسرار نموني فوت خبر موجب: جيڪب جي سول لائين ٿاڻي حد اي ڊي سي ڪالوني جي رھواسڻ 20 سالن جي سلماءِ ڌي اسلم ميراڻي گھر اندر پر اسرار نموني فوت ٿي وئي وارثن کيس سول اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن پاران موت جي تصديق ڪئي وئي جنھن کانپوءِ وارث لاش کڻائي ويا، واقعي بابت سول لائين ٿاڻي جي ننڊي منشي قلاتي خان ٽالاڻي ٻڌايو ته ناري جي والد پوليس اھلڪار محمد اسلم ميراڻي ۽ سندن ڀائرن پاڪ ڪتاب تي ھٿ رکي موقف ڏنو ته ناري واش روم ۾ وئي، جتي سندس پير ترڪڻ سبب ڪري بيھوش ٿئي جنھن کي سول اسپتال کڻائي آياسين اتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي ۽ وارثن بنا پوسٽ مارٽم جي لاش گھر کڻائي ويا آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.