نوابشاهه ۾پورهيت پراسرار نموني گم، وارث پريشان

نوابشاھ(ڊ ر) نوابشاه جي علائقي حسيني روڊ جي رھواسي لياقت علي ماڇي ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد لاءِ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته منھنجو ڀاءُ عبدالرشيد پٽ گلزار ماڇي جنھن جي عمر 45  سال آھي جيڪو 10 مھينا اڳ محرم جي مھيني ۾ گھران نڪري ويو آھي جڏھن ته ان جو ذھني توازن به درست ناھي. ، ھن چيو ته پھريان به ڪيترائي ڀيرا نڪري ويو آھي ۽ واپس ايندو آھي ليڪن ھن وقت اڃان تائين واپس ناھي آيو جنھن جي ڪري اسان سڀ گھر جا ڀاتي سخت پريشان آھيون، ھن مطالبو ڪيو ته منھنجي ڀاءُ جي ڳولا ۾ منھنجي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.